پشاور: ضلعي خيبر ۾ دهشتگردن پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار عبدالخالق شهيد ٿي ويو.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر راءِ مظهر اقبال موجب اڄ کان سموري ضلعي ۾ 7 ڏينهن جي لاءِ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي.
ڊي پي او موجب جمرود ٿاڻي جي علائقي بکر آباد ۾ دهشتگردن پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيم تي اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليو ٽيم کي سيڪيورٽي ڏيندڙ پوليس اهلڪار عبدالخالق ٿڏي تي شهيد ٿي ويو.
پوليو اختيارين موجب فائرنگ سبب پوليو کان بچاءُ واري ٽيم ۾ حصو وٺندڙ ٻيو عملو معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار حملي آور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي واري هنڌان 30 بور جا 2 خول مليا آهن. ڊي پي او موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪا بنديون ڪيون ويون آهن.