دلجيت جي فلم ڀارت کان علاوه دنيا ۾ رليز ٿيڻ لاءِ تيار

ممبئي : مشهور هندستاني ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجھ جي فلم پنجاب 95 نه رڳو هندستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ رليز ٿيڻ واري آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فلم 7 فيبروري تي دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي، پر اها ڀارت ۾ رليز نه ڪئي ويندي.روني اسڪرين والا جي بينر هيٺ تيار ڪيل ۽ آر ايس وي پي موويز پاران پيش ڪيل، پنجاب 95 جي هدايتڪاري هني تريهان ڪئي آهي. هي فلم انساني حقن جي ڪارڪن جسونت سنگهه کلرا جي زندگي تي ٻڌل آهي.دلجيت دوسانجھ فلم جو ٽريلر پڻ جاري ڪيو، ۽ چيو ته فلم ايندڙ مهيني جي 7 تاريخ تي سڄي دنيا ۾ رليز ٿي رهي آهي ۽ فلم مان ڪو به منظر حذف نه ڪيو ويو آهي.

Apart from Bharat