ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به زبردست تيزي بعد شديد ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي.ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جي شروعات ٿي، ٽريڊنگ دوران 588 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ هينڊريڊ انڊيڪس 116 هزار 843 پوائنٽس جي سطح تي پهتو،بعد ۾ ڪاروبار ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اوچتو ٻاڙائي آئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هينڊريڊ انڊيڪس 2300 پوائنٽس کان وڌيڪ جي گهٽتائي سان 114,543 پوائنٽس تي واپار ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 1 لک 16 هزار 255 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.