اسرائيل تي ڳرن هٿيارن سان حملي جي منصوبه بندي،ايران جي آگاهي

تهران : آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران خطي جي ملڪن کي چيو آهي ته هو اسرائيل تي جارحاڻي انداز ۾ حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ موجب تهران خطي ۾ سفارتڪارن کي ٻڌايو آهي ته هو اسرائيل خلاف وڌيڪ طاقتور جنگي هٿيار استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي.ايران طرفان اهو پيغام هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن آمريڪا ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو اسرائيل خلاف انتقامي ڪارروائي جي صورت ۾ اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان روڪي نه سگهندو.آمريڪي اخبار موجب ايران ان حوالي سان پنهنجي منصوبن تي عرب عملدارن کي بريفنگ ڏئي ڇڏي آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ايراني خطرو حقيقي آهي يا رڳو سخت موقف آهي.اخبار موجب ايران عرب سفارتڪارن کي ٻڌايو ته ايران جي فوج به ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ پيرا ملٽري فورسز سان گڏ هوندي.آمريڪي اخبار موجب هڪ مصري اهلڪار جو چوڻ آهي ته ايران خانگي طور تي سخت ۽ پيچيده جواب جي خبردار ڪندي چيو ته سندس فوج پنهنجا ماڻهو گم ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري کين هاڻي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي.ٻئي طرف مغربي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن جي مطابق ايراني فيصلو ڪندڙ ان ڳالهه تي بحث ڪري رهيا آهن ته اسرائيل کي ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ايران عراق جي سرزمين کي اسرائيل خلاف آپريشن لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو جتان شايد اسرائيلي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويندو پر اهو حملو وڌيڪ جارحاڻو ٿي سگهي ٿو.واضح رهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ڇنڇر ڏينهن تهران ۾ خطاب دوران چيو هو ته ايران اسرائيلي حملي جو سخت جواب ڏيندو.

Planning to attack Israel with heavy weapons