پاڪستاني ٽيم هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ لاءِ رواني

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان فهيم اشرف جي اڳواڻي ۾ هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ لاءِ گذريل رات هانگ ڪانگ جي بئنڪاڪ روانو ٿي وئي.ٽيم ۾ آصف علي، عامر يامين، دانش عزيز، حسين طلعت، شهاب خان ۽ محمد اخلاق شامل آهن.هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ پهرين کان 3 نومبر تائين کيڏيو ويندو، ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، پاڪستان ٽيم کي پول سي ۾ ڀارت ۽ يو اي اي سان گڏ شامل ڪيو ويو آهي.پهرين نومبر تي پاڪستاني ٽيم پهرين ميچ يو اي اي ۽ ٻي ميچ ڀارت سان کيڏندي، هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.ڪوارٽر فائنل 2 نومبر جڏهن ته سيمي فائنل ۽ فائنل 3 نومبر تي کيڏيا ويندا.