پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي کي حفاظتي ضمانت ڏيندي 14 ڏينهن تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس صاحبزاده اسدالله بشريٰ بي بي جي ڪيسن جي تفصيل لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بشريٰ بي بي جي وڪيل چيو ته بشريٰ بي بي جي خلاف چئن صوبن ۾ ڪيس داخل آهن پر ڪيسز جي خبر ناهي، تفصيل فراهم ڪري گرفتار نٿو ڪيو وڃي.
جسٽس شڪيل احمد چيو ته منهنجو خيال آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪوبه ڪيس نه هوندو جنهن تي وڪيل چيو ته جي خيبرپختونخواهه ۾ ناهي انهي لاءِ هتي آيس.
جسٽس صاحبزاده اسدالله چيو ته جيڪڏهن هتي ڪوبه ڪيس نه ڪيو ته اسان حفاطٽي ضمانت ڏئي سگهون ٿا. بشريٰ بي بي جي وڪيل چيو ته قانون ۽ آئين هر شهري جي تحفظ جو يقين ڏياري ٿو. پشاور هاءِ ڪورٽ اڳ به حفاظتي ضمانت ڏني آهي. عدالت نيب ۽ ايف آءِ اي سميت سمورن ادارن کان ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
عدالت جي حڪم کان پوءِ بشريٰ بي بي راهداري ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. بشريٰ بي بي ترجمان موجب حفاظتي ضمانت ملڻ کان پوءِ راهداري جي ضرورت ناهي، سمورن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت ملي چڪي آهي.