توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار بشرا بي بي 9 مهينن کانپوءِ جيل مان آزاد

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ٽو ۾ عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي ضمانت منظور ٿيڻ بعد اڊيالا جيل مان آزاد ٿي وئي. توشه خانه ڪيس 2 ۾ ضمانت بعد اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند، بشرا بي بي جا ضمانتي مچلڪا جاري ڪيا. ملڪ طارق محمود نون بشرا بي بي جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. 9 مهينن کان قيد بشرا بي بي گذريل ڀيري جڏهن جيل مان آزاد ٿي هئي ته کيس وري ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. يا رهي ته عمران خان کي بطور وزيراعظم ۽ سندس زال کي 108 قيمتي تحفا مليا هئا جن مان سعودي عرب پاران مليل هار، منڊي وارو سيٽ هنن گهت قيمت لڳرائي پاڻ وٽ رکيا ۽ بعد ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. نيب جو چوڻ آهي ته هنن 14 ڪروڙ 21 لک روپين عيوض 58 قيمتي تحفا پاڻ وٽ رکيا ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايا هئا، انهن تحفن جي مارڪيٽ ويليو تمام گهڻي آهي. بشرا بي بي جي آزادي تي پارٽي چيئرمين گوهر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جهڙي طرح بشرا بي بي عدالتي حڪم تي آزد ٿي آهي اهڙي طره جلد عمران خان به آزاد ٿيندو. هن چيو ته ڊيل ڪرڻي هجي ها ته عمران خان 16 مهينن کان جيل م نه هجي ها ۽ نه ئي بشرا بي بي 9 مهينا جيل ڪاٽي ها.