فخر زمان پي سي بي جي شوڪاز نوٽيس تي جواب ڏئي ڇڏيو

لاهور : بابر اعظم کي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز مان ڊراپ ڪرڻ جي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ تي فخر زمان پي سي بي طرفان جاري ڪيل شوڪاز جو جواب ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب فخر زمان ٽوئيٽ جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ جواب ڏسڻ کانپوءِ بورڊ سندس آسٽريليا جي دوري لاءِ سليڪشن بابت فيصلو ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان سڀاڻي سومر تي ٿيڻ جو امڪان آهي.