ايڪسچينج اڏام جاري، انڊيڪس 83 هزار جي حد پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي وڏي اڏام جاري آهي.ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي پهرين سيشن جي شروعات کان ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 452 پوائنٽن جي اضافي سان 83 هزار 174 جي نفسياتي حد تائين پهچي ويو.ڪالهه به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 980 پوائنٽس جي واڌ سان 82 هزار 947 جي بلند ترين حد تي ڏٺو ويو، ڪالهه 100 انڊيڪس 755 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 82 هزار 722 پوائنٽس تي بند ٿيو.

Exchange flight continues