ايڪس بابت غلط بياني، پي ٽي اي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي؟

ڪراچي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش بابت ڪيس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس بند ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي طرفان گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري بيان تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي موقف جي تبديلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اها پروفيشنل بدانتظامي هئي يا غلط بياني؟ توهان کي اهي هدايتون ڪنهن ڏنيون، نالو ٻڌاءِ، اسان کي پڪ آهي ته هدايتون جاري ڪيون ويون هونديون.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل به خاموش رهيو، ان معاملي تي پي ٽي اي جي چيئرمين کي به طلب ڪري سگهجي ٿو، ان تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين،چيف جسٽس پي ٽي اي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته فيصلو اوهان تي آهي ته ڪارروائي وڪيل جي خلاف آهي يا اداري خلاف، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته غير ارادي غلطي ٿي آهي، دٻاءُ سبب ڪارروائي ڪئي وئي. ڪيسن جي دٻاءُ سبب هڪ غلط فهمي ٿي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي انساني غلطي ناهي، پي ٽي اي جا وڪيل خاموش ٿي سگهن ٿا، توهان کي ڪنهن نه پڇيو، توهان اهو بيان پاڻ ڏنو، پي ٽي اي جا ٻيا وڪيل چئي رهيا هئا ته اهڙي ڪا به هدايت ناهي ملي تنهن هوندي به توهان پنهنجي بيان تي قائم آهيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته عدالت حڪم تي نظرثاني ڪري؟ جيڪڏهن نظر ثاني جي درخواست جي ٻڌڻي ساڳئي بينچ ڪئي جنهن آرڊر ڏنو، ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته درخواست آرڊر واپس وٺڻ يا تبديل ڪرڻ جي آهي.عدالت چيو ته اسان آرڊر واپس وٺي رهيا آهيون ۽ نه ئي ترميم ڪري رهيا آهيون، عدالت پي ٽي اي جي درخواست کي ٻين درخواستن سان ضم ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Misrepresentation about X