افغان بارڊر تان طالبان جي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ 16 طالبان مارجي ويا، 27 زخمي، 2 ٽينڪ تباهه

اسلام آباد: افغان سرحد تان طالبان جي پاڪستاني فوجي چوڪين تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ سبب هينئر تائين 16 طالبان مارجي ويا ۽ 27 زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته طالبان جا 2 ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا آهن.

سيڪيورٽي ذريعن  ٻڌايو آهي ته افغان طالبان طرفان پاڪ افغان سرحد تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. 7 سيپٽمبر جي صبح کان افغان طالبان طرفان پاڪ افغان سرحد سان لاڳاپيل علائقي پلوسين مان پاڪستاني چيڪ پوستن تي وڏن هٿيارن سان ڇتي فائرنگ شروع ڪئي وئي

سيڪيورٽي ذريعن موجب فائرنگ جو سلسلو افغان سائيڊ تان 8 ۽ 9 سيپٽمبر جي شام تائين جاري رهيو. پاڪستان آرمي طرفان افغان سائيڊ تان ڪيل فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. پاڪستاني فوج جي جوابي فائرنگ سبب افغان طالبان کي ڳرو نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن ۽ هينئر تائين 16 افغان طالبان مارجي ويا جڏهن ته 27 زخمي ٿي چڪا آهن. جڏهن ته  افغان طالبان جا 2 ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان بارڊر تي ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

16 killed27 injuredFiring from Afghan border