عالمي نمبر 1 يانڪ سنر يو ايس اوپن جو ٽائيٽل کٽي ورتو

واشنگٽن: فائنل ۾ اٽلي جي يانڪ سنر آمريڪا جي ٽيلر فرٽز کي شڪست ڏني.يانڪ سنر جي ڪاميابي جو اسڪور ڇهه ٽي، ڇهه چار ۽ ست پنج رهيو. فائنل ٻه ڪلاڪ 15 منٽن تائين هليو.هي يانڪ سنر جو ڪيريئر جو ٻيو گرانڊ سلم ٽائيٽل آهي.ياد رهي ته يانڪ سنر هن سال آسٽريلين اوپن به کٽي هئي.يو ايس اوپن وومينز ٽائيٽل کٽيندڙ ارينا سبلانڪا به هن سال آسٽريلين اوپن کٽي ورتي.ارينا سبالانڪا به هن سال ٻه گرانڊ سلم ٽائيٽل کٽي ورتيون آهن.