يوڪريني فوج تي روس جو هلندڙ سال جو وڏو حملو 51 فوت

ڪراچي: روس، يوڪرين جي شهر پولٽاوا ۾ هڪ فوجي انسٽيٽيوٽ تي 2 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن جنهن ۾ 51 ماڻهو مارجي ويا ۽ 235 زخمي ٿيا آهن.. يوڪرين جي اختيارين مارجي ويلن ۽ زخمين جا وڌيڪ تفصيل نه ڏنا آهن پر يوڪريني ميڊيا حملي جي تصديق ڪئي آهي. تجزيه نگارن جي مطابق، مارجي ويل يوڪريني فوجي ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف پولٽاوا ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي روس جي بيلسٽڪ ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي حملي کي يوڪرين تي هلندڙ سال جو سڀ کان وڏو روسي حملو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته روس کي ان حملي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.