2017 کان مدي خارج سمن جي بندش ٻيو مرحلو شروع

اسلام آباد:پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) غير قانوني سمن تي پابندي جو ٻيو مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي اي عملدارن چيو ته جن ماڻهن جي شناختي ڪارڊن جو مدو2017 کان اڳ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي تجديد نه ٿي آهي، انهن جون سمون بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سمز بلاڪ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ شهري پنهنجا شناختي ڪارڊ تجديد ڪرائين، پهرين مرحلي ۾ جعلي سمن تي سمون بلاڪ ڪيون ويون ۽ شناختي ڪارڊ منسوخ ڪيا ويا.اختيارين جو چوڻ آهي ته 16 آگسٽ کان وٺي 69 هزار کان وڌيڪ غير قانوني سمز بلاڪ ڪيون ويون آهن، نادرا کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي غير قانوني سمن کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ٽئين مرحلي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي نالن تي رجسٽرڊ ٿيل سمز کي بند ڪيو ويندو، موبائل سمن جي بندش کان اڳ صارفين کي آگاهي جا پيغام موڪليا پيا وڃن.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته جعلي سمز مختلف غير قانوني سرگرمين ۾ استعمال ٿي رهيون آهن، غير قانوني سمز دهشتگردي، مالي فراڊ ۽ ٻين سرگرمين ۾ استعمال ٿينديون آهن.

From 2017