يرغمالين جي موت تي سلامتي ڪائونسل اجلاس طلب ڪيو وڃي

نيويارڪ :گڏيل قومن ۾ اسرائيلي سفير غزه ۾ يرغمالين جي موت تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي سفير چيو آهي ته غزه ۽ حماس ۾ يرغمالين جي صورتحال جي مذمت لاءِ سلامتي ڪائونسل کي فوري اجلاس گهرائڻ گهرجي.اسرائيلي سفير جو چوڻ آهي ته سلامتي ڪائونسل اڃا تائين حماس جي مذمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي يرغمالين لاءِ ڪو فيصلو ڪيو آهي.