سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو،  ساريالو فصل تباهه ٿيڻ سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان، برسات  شروع ٿيندي ئي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جو نظام به تباهه ٿي ويو، ڪيترائي شهر اونداهي ۾ ٻڏل.

ميرپورخاص شهر ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، عالمن شهرين کي رحم جون دعائون گهرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، برسات سبب ميرپورخاص شهر مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، انڊر پاس پل مڪمل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.، شهر جي سمورن علائقن ۾ شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. حميد پورا ڪالوني، هيرآباد، عزيز آباد، بخاري ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي  ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.

حيدرآباد، ٿرپارڪر، بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، ڪيترن ئي شهرن ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ضلعي بدين ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي.

هلڪي ۽ تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾  پاڻي جمع ٿيل آهي، ٿرپارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۾ هلڪي ۽ تيز برسات سبب  کنوڻ ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ ڳوٺاڻن جو چوپايو مال به مري ويو آهي جنهن سبب کين لکين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

سنڌو درياءَ ۾ خيرپور جي ڀرسان ٻوڏ وهڪرن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻوڏ وهڪرن سبب بندن تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ڪيترن ئي بندن تي گهارا پوڻ سبب 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح لاڳيتو وڌي رهي آهي جنهن جي ڪري ڪپهه ۽ ٻيا فصل به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. متاثرين مطالبو ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.

Intermittent rains in different cities of Sindh caused havoc