ڪوشش ڪندي آهيان ته سوشل ميڊيا تي گهٽ اچان: عليزي شاهه

لاهور : ڊرامي ۽ ماڊلنگ جي دنيا جي خوبصورت نوجوان اداڪارا عليز شاهه سوشل ميڊيا تان غائب ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.اداڪارا تازو ڪراچي ۾ نجي ٽي وي پاران منعقد ڪيل ايوارڊ شو ۾ شرڪت ڪئي.ان دوران هڪ صحافي عليز شاهه کان پڇيو ته هو ڪيتري عرصي کان ڪٿي گم آهي؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي ايندڙ نئين پروجيڪٽ ۾ مصروف آهي.صحافي هڪ ٻيو سوال ڪيو ته توهان سوشل ميڊيا تي گهٽ ئي ڏسندا آهيو.ان سوال جي جواب ۾ عليز شاهه چيو ته هوءَ سوشل ميڊيا تي گهٽ ۾ گهٽ پوسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، هوءَ سوشل ميڊيا تڏهن ئي استعمال ڪندي آهي جڏهن ڪو ڪم هجي يا پوسٽ ضروري هجي.