حنا منور وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر

لاھور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) وومين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب حنا منور کي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.حنا منور جو تعلق پوليس گروپ سان آهي، 2 سالن کان پي سي بي ۾ پوسٽنگ آهي، تازين تبديلين سبب چيف سيڪيورٽي آفيسر جي ڀرتي ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تازو ئي وومين ڪيمپ دوران ڪرڪيٽر هوٽل کان ٻاهر نڪتا ته حادثو پيش آيو.رانديگرن کي بنا اطلاع ڪيمپ ڇڏڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حيران ٿي ويو.