وسيم اڪرم پنهنجي پٽ سان گڏ تصوير شيئر ڪري ڇڏي

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم پنهنجي پٽ سان گڏ نئين تصوير شيئر ڪئي آهي.وسيم اڪرم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پٽ اڪبر اڪرم سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ سان گڏ آسٽريليا جي شهر پورٽ ڊگلس ۾ وقت گذاري رهيو آهي.هن تصوير ۾ پيءُ ۽ پٽ بلڪل هڪ ٻئي وانگر نظر اچي رهيا آهن.خوشگوار موڊ ۾ ورتل هن تصوير کي هن وقت تائين لکين لائيڪ ۽ سوين تبصرا ملي چڪا آهن.وسيم اڪرم جي ان تصوير تي سندس مداح به دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.ڪجهه صارفين جي نظر ۾ وسيم اڪرم پنهنجي ڊگھي ڏاڙهي ۾ 80 سالن جو نظر اچي رهيو آهي، ٻين کي هن لباس ۾ هيرو نظر اچي رهيو آهي. ياد رهي ته ليجنڊ رانديگر وسيم اڪرم کي پهرين فوت ٿيل زال هما مان 2 پٽ تيمور ۽ اڪبر آهن، جڏهن ته کيس ٻي زال شنيرا اڪرم مان هڪ ڌيءَ آهي.