ڪراچي : سنڌ ڪابينا ۾ پھرين مرحلي ۾10 مان 9 وزيرن قسم کڻي ورتو، 3 صلاحڪار به مقرر ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي سفارش تي گورنر ڪامران ٽسوري وزيرن جي منظوري ڏني ۽ کين قسم کڻايو، ڪالهه پھرين مرحلي ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، ناصر علي شاھه، شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، سعيد غني، سردار محمد بخش مھر، علي حسن زرداري، ضياءُ لنجار ۽ ڄام خان شورو قسم کنيو، جڏهن ته بابل خان ڀيو، نجمي عالم ۽ احسان مزاري کي صلاحڪار طور ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو، سرڪاري ذريعن موجب ميرپورخاص مان چونڊيل ايم پي اي ذوالفقار شاھ پڻ ڪابينا ۾ شامل ٿيڻو ھو، جيڪو اسلام آباد ۾ ھجڻ سبب قسم کڻي نه سگهيو ، ھوڏانھن سي ايم ھائوس جي ترجمان جو چوڻ آھي ته ڪابينا ۾ شامل ٿيل وزيرن مان سردار علي شاھ کي تعليم ۽ معدنيات، ڊاڪٽر عذرا پيچوھو کي صحت ۽ پاپوليشن ويلفيئر ( آبادي جي ڀلائي)، ناصر شاھ کي توانائي ۽ رٿابندي. شرجيل انعام ميمڻ کي ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ ،سعيد غني کي مڪاني ادارا ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، محمد بخش مھر کي زراعت ۽پرائيس ڪنٽرول، اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز ۽ اينٽي ڪرپشن، ڄام خان شورو کي آبپاشي ۽ خوراڪ، علي حسن زرداري کي جيلن جا مامرا، ضياءُ لنجار کي گھرو کاتو، قانون، پارلياماني مامرا وارا قلمدان ڏنا ويا، جڏھن ته ذوالفقار شاھ کي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو قلمدان سونپيو ويندو، صلاحڪار طور ڪابينا ۾ شامل الله بخش ڏنو خان عرف بابل ڀيو کي جھنگلي جيوت ۽ ٻيلو کاتو، احسان مزاري کي بين الصوبائي رابطا ۽ نجمي عالم کي چوپايو مال ۽فشريز، ڪچي آبادي جا قلمدان ڏنا ويا آهن، وزيرن جي قسم کڻڻ واري تقريب جي ڪارروائي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخرعالم ھلائي، ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 8 وزير ، 2 صلاحڪار ۽ مختلف خاص معاون پڻ شامل ڪيا ويندا