عام چونڊون 2024: بلوچستان جا 7 اڳوڻا وڏا وزير ميدان ۾ لٿل

ڪوئٽه: 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ بلوچستان مان 2600 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.

عام چونڊن  ۾ بلوچستان مان جتي ڪيترائي پراڻا چهرا حصو وٺي رهيا آهن اتي صوبي جا 7 اڳوڻا وڏا وزير به ميدان ۾ لٿل آهن. جنهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل به شامل آهي جيڪو 1997ع کان 1998ع تائين بلوچستان جو وڏو وزير رهيو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن ۽ هڪ صوبائي سيٽ تي اميدوار آهي

13 آگسٽ 1998ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير رهندڙ جان محمد جمالي به چونڊن جي لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي اهو بلوچستان عوامي پارٽي جي ٽڪيٽ تي هڪ صوبائي سيٽ تي چونڊون وڙهي رهيو آهي.

ان کان علاوه 9 اپريل 2008ع کان 16 جنوري 2013 تائين بلوچستان جو وڏو وزير رهندڙ نواب اسلم خان رئيساڻي هن ڀيري جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي پليٽ فارم تان مستونگ مان بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهندو.

نيشنل پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جيڪو 7 جون 2013 کان 23 ڊسمبر 2015ع تائين بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير رهيو. جيڪو هاڻ ايندڙ عام چونڊن 2024 ۾ مڪران کان قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان ميدان ۾ زور آزمائي ڪندو.

هوڏانهن 24 ڊسمبر 2015ع کان 9 ڊسمبر 2017ع تائين بلوچستان جو وڏو وزير رهندڙ نواب ثناءُالله زهري هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ميدان ۾ لهندو.

بلوچستان عوامي پارٽي جو پهريون صدر ۽ اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال خان هن ڀيري مسلم ليگ(ن) جي ٽڪيٽ تي هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.

ان کان علاوه 2 ڀيرا بلوچستان جو وڏو وزير رهندڙ مير عبدالقدوس بزنجو هن ڀيري پاڪستان پيپلز  پارٽي جي ٽڪيٽ تي آواران مان بلوچستان اسيمبلي جي هڪ سيٽ تان اميدوار آهي.

نومبر 2007ع کان اپريل 2008ع تائين اڳوڻو نگران وڏو وزير رهندڙ سردار محمد صالح ڀوتاڻي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 21 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.