ڪرپشن جا الزام: اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي کي نيب طلب ڪري ورتو

پشاور: نيب قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سميت اڳوڻي صوبائي وزير شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان کي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب نيب خيبرپختونخواهه اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پي ٽي آءِ جي 2 اڳوڻن وزيرن شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن وزيرن ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف مردان، صوابي روڊ جي تعمير ۾ ڪرپشن جون شڪايتون مليون آهن.

پڌرائي موجب عاطف خان خلاف اسپورٽس اينڊ ٽوئرازم جي پراجيڪٽس ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جون شڪايتون آهن جنهن جو نوٽيس وٺندي نيب چيئرمين لاڳاپيل شڪايت تي باقاعده جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

Corruption allegation: Asad Qaiser