ڊالر جي حساب سان پنهنجو معاوضو وڌائيندي آهيان: نور ظفر

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا نور ظفر خان چيو آهي ته مهانگائي جي ڪري هوءَ به پنهنجو معاوضو ڊالر جو قدر وڌڻ جي حساب سان وڌائيندي آهي

اداڪارا نور ظفر خان مشهور اداڪارا سارا خان جي ننڍي ڀيڻ آهي ۽ هيل تائين هوءَ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. نور ظفر خان وڏي ڀيٽ سارا خان جي ڀيٽ ۾ اسڪرين ۾ گھٽ نظر ايندي آهي ۽ هن پاڻ به اعتراف ڪيو ته هوءَ عام طور تي سال ۾ هڪ ئي ڊرامو ڪندي آهي

اداڪارا تازو ئي نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شوبز سميت ٻين معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو. اداڪارا موجب کيس گھڻو ڪري اهڙن ئي ڪردارن جي آڇ ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري هوءَ ڪوشش ڪندي آهي هر هر هڪ جهڙو روپ نه ڌاري

هن چيو ته سندس ڪوشش هوندي آهي ته هر ڀيري هن کي اڳ کان انوکي ۽ نئين ڪردار جي آڇ ٿئي، ان ڪري عام طور تي هوءَ اسڪرپٽ کي رد ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڊرامن ۾ ڪم ناهي ڪندي

نور ظفر خان جو چوڻ هو ته هوءَ سال ۾ هڪ ئي ڊرامو ڪندي آهي جنهن ۾ سندس ڪردار اڳ جي ڪردار کان مختلف ۽ سٺو هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو کيس ته ڪيترائي ڀيرا هن کي پنهنجي وڏي ڀيڻ سارا علي خان به ڪردار جي آڇ ڪئي