رياض: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر جي 4 ڏينهن جي دوري جي شروعات ۾ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض پهچي ويو. جتي سعودي ولي عهد ۽ عملي حڪمران محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪندو.
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو هوائي اڏي تي استقبال ۽ ملاقات به ڪئي. انهي موقعي تي آمريڪي صدر کي روايتي قهوه به پيش ڪيو ويو.
واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري جي صبح سعودي راڄڌاني رياض پهتو جيڪو انهي جو 4 ڏينهن جي دوري جو پهريون ڏينهن آهي. صدر ٽرمپ انهي دوري ۾ قطر ۽ متحده عرب امارات به ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ جو وائٽ هائوس واپسي کان پوءِ پهريون وڏو پرڏيهي دورو آهي جنهن جو گهڻو دارومدار تيل سان مالا مال خطي ۾ واپاري معاهدا ۽ نئين سرمائيڪاري جون ڪوششون هونديون.
دوري دوران ايٽمي پروگرام، غزه ۾ جنگبندي تيل جي قيمتن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ جي اميد آهي. سعودي ولي عهد آ،ريڪي صدر جي مان ۾ مانجهاندو به ڏيندو. آمريڪي صدر جو پنهنجي دوري دوران جي سي سي اڳواڻن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي.