ٽرمپ شام تان پابنديون هٽائڻ جي آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪا شام تان اقتصادي پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي پابنديون هٽائڻ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.ان کان اڳ، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو هو ته 2004 ۾ شام تي لاڳو ڪيل پابنديون، جيڪي شام جي سرڪاري اثاثن کي منجمد ڪري ڇڏيون هيون، ختم ڪيون وينديون.جڏهن ته، ترجمان چيو ته شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد، داعش ۽ ايراني اتحادين تي پابنديون برقرار رهنديون.ان کان علاوه، هڪ سينئر آمريڪي عهديدار چيو ته آمريڪا شام کي دهشتگردي جي سرپرست رياست طور نامزد ڪرڻ جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيو آهي. آمريڪي قدم شام جي عالمي مالي اڪيلائي کي ختم ڪندو. ان سان شام لاءِ عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ نوان دروازا کولڻ جو امڪان آهي.شام جي پرڏيهي وزير آمريڪي فيصلي جو استقبال ڪيو ۽ چيو ته پابنديون هٽائڻ سان شام عالمي برادري لاءِ کليل هوندو، پابنديون ختم ڪرڻ سان تعمير نو ۽ ترقي جو رستو هموار ٿيندو، ۽ پابنديون هٽائڻ سان معاشي بحالي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون.