هرڀجن اڳيان شادي کان اڳ 300 وڪيٽون وٺڻ جو شرط رکيو،گيتا

ممبئي : اڳوڻي ڀارتي اداڪارا گيتا بسرا انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي مڙس ۽ اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه سان شادي ڪرڻ کان اڳ 300 وڪيٽون وٺڻ جي شرط رکي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب، هرڀجن اڳوڻي اداڪارا گيتا بسرا جو پوسٽر ڏسڻ کان پوءِ ايترو ته پاگل ٿي ويو جو هن پهرين نظر ۾ ئي کيس پنهنجي زال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، بهرحال گيتا بسرا آخري ‘ها’ تائين هرڀجن بابت هٻڪندي رهي، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته هن هرڀجن سان شادي ڪرڻ لاءِ هڪ شرط رکي هئي، جيڪا هرڀجن پوري ڪئي، هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ دوران، گيتا بسرا انڪشاف ڪيو ته ‘مون هرڀجن سان شادي ڪرڻ کان اڳ هڪ شرط رکي هئي، جيڪا پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻنهي شادي ڪئي، پوڊ ڪاسٽ دوران گيتا چيو، هرڀجن منهنجو هڪ پوسٽر ڏٺو ۽ مون سان فوري طور تي پيار ٿي ويو. بعد ۾، هرڀجن يوراج سنگهه کان منهنجو نمبر گهريو ۽ مون کي پيغام موڪليو، پر مون پيغام جو جواب نه ڏنو ڇاڪاڻ ته مون کي ڪرڪيٽ يا ڪرڪيٽرن ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي.” گيتا موجب، “هندستان جي ورلڊ ڪپ کٽڻ کان پوءِ، مون هرڀجن جي پيغام جو جواب مبارڪباد سان ڏنو. جيئن ئي ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي، هرڀجن پهرين ملاقات ۾ مون سان شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ان وقت، مان 21 سالن جي هيس ۽ بالي ووڊ ۾ ڪيريئر ٺاهڻ چاهيان ٿي.” گيتا موجب، “هرڀجن سان شادي جي افواهن جي ڪري مون کي 4 فلمون منسوخ ڪرڻيون پيون. آخرڪار، هن واقعي کان 10 مهينا پوءِ، مون هرڀجن کي هڪ شرط تي ‘ها’ چيو. مون هرڀجن سان شادي ڪرڻ لاءِ هڪ شرط رکي هئي ته جنهن ڏينهن هو 300 وڪيٽون وٺندو، مان ان سان شادي ڪندس. ۽ ڪجهه ڏينهن ۾، هن 300 وڪيٽون ورتيون ۽ ان وقت مون هن کي ‘ها’ چيو، جنهن کان پوءِ اسان جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون.