پاڪستان دهشتگردي جي خلاف سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.

وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي سيز  فائر مختلف ملڪن جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي. انهي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو.

هن چيو ته چين سعودي عرب، متحده امارات(يو اي اي) ترڪيه ۽ قطر به سيز فائر جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي صدر جي ٻئي ٽوئيٽ ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آمريڪي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ خواهشمند آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته ڀارت پاڪستان کي پاڻي جي فراهمي اڃان تائين بند ناهي ڪئي. ڀارت وٽ پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ئي نه آهي.  هن وقت پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي تي پاڪستان افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. شفاف جاچ ۾ تعاون جي به آڇ ڪئي. پر ڀارت بنا ثبوت پاڪستان تي الزام لڳايا. ڀارت اڃان تائين هڪ به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي.

وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته ڪنهن گروپ پهلگام واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. والاريل ڪشمير ۾ 6 لک ڀارتي فوج جي موجودگي ۾ پهلگام واقعو پيش اچڻ ڀارت جي سيڪيورٽي ناڪامي آهي. ڀارتي انٽيليجنس مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي. ڀارت پهلگام واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد گروپ جي ڪا به  محفوظ پناهه گاهه موجود نه آهي. سيئز فائر پاڪستان جي ڪمزوري ناهي پر حڪمت عملي جي ڪاميابي آهي. پاڪستان ڀارتي فوجي ٺڪاڻن ۽ هٿيارن کي ڊيپوئن کي نشانمو بنايو. هن چيو ته ڀارت جا نقصان سڀني جي سامهون آهن. ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو. پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي پاڪستان جي فتح روز روشن جيان آهي.