راولپنڊي: ڀارتي هٿياربند فوج 6 ۽ 7 مئي 2025 جي رات پاڪستان تي بزدلاڻو حملو ڪندي معصوم شهرين کي نشانو بنايو جنهن ۾ پاڪ فوج جا 11 جوان، عورتن ۽ ٻارن سميت 40 شهري شهيد ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب ڀارت جي بزدلاڻي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 40 بي گناهه شهري شهيد ٿيا جن مان 7 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن جڏهن ته 121 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ 10 عورتون ۽ 27 ٻار شامل آهن.
پاڪستاني فوج(معرڪه حق) جي تحت ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو. آپريشن بنيان مرصوص جي ذريعي دشمن کي نشانو بنائيندي پاڪستاني فوج دشمن جي پوزيشنز تي انتهائي درستگي سان جوابي حملي ڪيا.
ملڪ جو دفاع ڪندي پاڪ فوج جا 11 جانباز سپوت شهادت جي عظيم رتبي تي فائز ٿيا جڏهن ته 78 اهلڪار زخمي ٿيا. پاڪستاني فوجي جوانن ۾ شهيد ٿيلن ۾ نائيڪ عبدالرحمان، لانس نائيڪ دلاور خان، لانس نائيڪ اڪرام الله، نائيڪ وقار خالد، سپاهي محمد عديل اڪبر، سپاهي نثار شامل آهن.
انهي کان علاوه پاڪ فضائيه جي جوانن ۾ اسڪواڊرن اڳواڻ عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينئر ٽيڪنيشن نجيب، ڪارپول ٽيڪنيشن فاروق، سينئر ٽيڪنيشن ميثر به شهيدن ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جو اهي عظيم قربانيون جرئت، ايثار ۽ بي مثال حب الوطني جي روشن علامت آهن. جيڪي هميشح قوم جي يادن ۾ زنده رهنديون. پاڪستاني هٿياربند فوج پوري قوم، شهيدن کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهي.
قومن دشمن جي هر جارحيت جي خلاف پرعزم آهي ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي. پاڪستان جي خودمختاري ۽ سرحدن جي حرمت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ڪنهن به جارحيت جي آئنده ڪوشش جو ڀرپور فيصلو ۽ هر محاذ تي جواب ڏنو ويندو.