سموري ملڪ مان جمع ٿيل ٽيڪس مخصوص علائقي ۾ ڇو خرچ ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ 

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پڇاڻو ڪيو آهي ته سموري ملڪ ۾ جمع ٿيل ٽيڪس مخصوص علائقي ۾ ڇو خرچ ڪيو وڃي؟

سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي وڪيل رضا رباني مختلف عدالتي ريفرنسز پيش ڪيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سينيٽ جي سپر ٽيڪس جي حوالي سان ڪهڙي راءِ آهي؟ جنهن تي وڪيل رضا رباني پنهنجي موقف ۾ چيو ته سينيٽ کي سپر ٽيڪس تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه آهي. وڪيل رضا رباني طرفان دليل مڪمل ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کي روسٽرم تي گهرائي ورتو.

جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته حقيقتون ٻڌايو. سپر ٽيڪس مان ڪيتري رقم گڏ ۽ ڪيتري خرچ ٿيندي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جواب ڏنو ته 114 ارب روپيه گڏ ٿيا، وفاق 117 ارب روپيه خرچ ڪيا جيترو وفاق جو حصو هو انهي کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته وفاق صرف پنهنجو شيئر خرچ ڪري سگهي ٿو انهي کان وڌيڪ نه. سموري ملڪ مان پئسا گڏ ڪري هڪ مخصوص علائقي ۾ ڇو خرچ ڪيو وڃي. جيستائين اين ايف سي فارمولو تبديل نٿو ٿئي تيستائين وفاق اضافي فنڊز ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿو؟

جسٽس جمال مندوخيل ايڊيشنل اٽارني جنرل  سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جي بيان  سان مان مطمئن نه آهيان وفاقي حڪومت به اضافي خرچ پارليامينٽ جي منظوري کان سواءِ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ڊوالپمينٽ فنڊز به ڪنهن اسڪيم جي تحت ئي خرچ ٿيندا آهن منصوبو ڪهڙو هو. ڪجهه به خبر ناهي، هوا ۾ پئسا آيا ۽ ختم به ٿي ويا.  جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي