وارنر پي ايس ايل جي باقي ميچن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار

ميلبورن: آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ باقي ميچن لاءِ پاڪستان اچڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ تصديق ڪئي آهي ته هو پي ايس ايل جي باقي ميچن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان واپس ايندو.آسٽريلوي ميڊيا جي رپورٽن موجب بين ميڪڊرموٽ پڻ پي ايس ايل لاءِ ٻيهر پاڪستان وڃڻ جو ارادو رکي رهيو آهي.