ممبئي: اڪثر فيشن شوز پنهنجي عجيب ۽ حيران ڪندڙ ڊسپلي لاءِ مشهور ٿي ويندا آهن، اهڙو ئي هڪ مثال بيلا حديد جو هيو، جڏهن فرانسيسي ليبل “ڪوپرني” مٿس سڀني جي سامهون اسپري پينٽ ڪري لباس پهرائي ڇڏيو
جنهن سان فيشن انڊسٽري ۾ هل مچي ويو، ۽ هاڻي ڀارتي شهر چنئي ۾ ٿيل هڪ فيشن شو ۾ ماڊل زنده مڇيون پهري ريمپ تي اچي وئي
فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ ماڊل جل پري کان متاثر لباس پهريل آهي، جيڪو سپين سان بڻيل آهي، ۽ ان جي سامهون فش بائول جهڙو پلاسٽڪ ڪنٽينر لڳل آهي، ان پلاسٽڪ ڪنٽينر ۾ ننڍين مڇين ۽ پاڻي کي منتقل ڪيو ويو، ان کانپوءِ جي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ماڊل هٿ ۾ مڇين سان ڀريل ڪنٽينر کڻي رن وي کان هيٺ لهي رهي آهي