پاڪستان: پنجاب ۽ سنڌ جي اسيمبلين ڀارت جي طرفان والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي مودي سرڪار پاران خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ واري عمل خلاف يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان مذمتي ٺهراءُ سڀني جي رضامندي سان منظور ڪري ڇڏيو.
لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي غيرقانوني طور تي حيثيت تبديل ڪئي، جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، جڏهن ته ڀارتي ظلمن کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو وڃي ٿو، ٺهراءُ ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن کي جنيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي، ڪشمير جي بهادر عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيو ويو.
ڪراچي: ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت اسپيڪر اويس قادر شاهه ڪئي، اجلاس دوران گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پڻ راضپي طور منظور ڪيو ويو.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته "ڪشمير جي معاملي تي سڀ سياسي پارٽيون متفق آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ٺهراءَ جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته "ڪشمير جو ڪيس هر عالمي فورم تي وڙهنداسين.
ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر اجلاس جمعي جي ڏينهن شام 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به بيان جاري ڪندي چيو ته، "والاريل ڪشمير ۾ هر ڏينهن انسانيت شرمسار ٿي رهي آهي، ڀارتي وزيراعظم اقوام متحده جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
وڏي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت، ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري، اتي جي بيگناهه شهرين تي ظلم شروع ڪيو، جتي اڄ به اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لاڳو آهي.