اسلام آباد: آر ٽي فيشل انٽيلي جنس(اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي سموري دنيا ۾ مشهوري جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن.
حيران ڪندڙ طور تي اها اي آءِ چيٽ ٽول پاڪستان ۾ فيس بڪ، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ ۽ ايڪس(ٽوئٽر) جهڙي مشهور سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس تي وڌيڪ استعمال ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته نومبر 2022 ۾ متعارف ٿيڻ کان پوءِ ڪروڙين ماڻهو روزانه چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪندا آهن.
اوپن اي آءِ طرفان 5 آگسٽ 2025 تي جاري ڪيل بيان موجب چيٽ جي پي ٽي کي هر هفتي استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 70 ڪروڙ جي ويجهو پهچي چڪو آهي.
مارچ 2025 ۾ چيٽ جي پي ٽي صارفين جو انگ 50 ڪروڙ تائين پهتو هو، يعني 4 مهينن جي دوران وڌيڪ 20 ڪروڙ صارفين جو اضافو ٿيو. انٽرنيٽ سروسز ۽ ويب سائٽس جي رينڪنگ ڪندڙ سروس Similarweb جي فهرست ۾ پاڪستان ۾ مشهور ترين سائٽس جي درجه بندي ڪئي وئي آهي.
انهي فهرست موجب پاڪستاني انٽرنيٽ صارفين جي لاءِ مشهور ترين ويب سائٽس ۾ چيٽ جي پي ٽي ٽئين نمبر تي آهي. انهي سان اشارو ملي ٿو ته پاڪستان ۾ به انٽرنيٽ صارفين اي آءِ چيٽ بوٽ کي مختلف مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن يا انهي جي باري ۾ تجسس رکن ٿا.
ياد رهي ته چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪندڙ ماڻهو آساني سان گهربل تفصيل حاصل ڪري سگهن ٿا، مضمون لکرائي سگهن ٿا ۽ انهي کان علاوه به گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. انهي جي مقابلي ۾ فيس بڪ چوٿين، انسٽاگرام ڇهين، ايڪس 7، جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ 10 نمبر تي آهي.
Similarweb جي ڊيٽا موجب عالمي سطح تي اوپن اي آءِ جي ويب سائيٽ 5 نمبر تي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ عالمي سطح جي اها ڊيٽا جون 2025 جي آهي.