پي سي بي پاران عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي.پي سي بي موجب، 20 رانديگرن کي 5 ڪيٽيگريز ۾ ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا آهن ۽ سڀني ڪيٽيگريز ۾ رانديگرن جي معاوضي ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڪيٽيگري اي ۾ فاطمه ثنا، منيبه علي، سعديه اقبال ۽ سدره امين شامل آهن، ڪيٽيگري بي ۾ عاليه رياض، ڊيانا بيگ ۽ نشره سنڌو شامل آهن، جڏهن ته ڪيٽيگري سي ۾ رامين شميم کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.ڪيٽيگري ڊي ۾ گل فيروزه، ناجيه علوي، نتاليا پرويز، عمائمه سهيل، صدف شمس، سدره نواز، عروب شاهه، طوبيٰ حسن، ام هاني ۽ وحيده اختر شامل آهن.ان کان علاوه، ابھرندڙ رانديگرن لاءِ هڪ ايمرجنگ ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ نوجوان ڪرڪيٽر ايمان فاطمه ۽ شوال ذوالفقار کي رکيو ويو آهي.