نيويارڪ: پاڪستان جي مستقبل جي گڏيل قومن جي سفير عاصم افتخار غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف آواز اٿاريو آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪا به شيءِ پوري آبادي جي بي رحم قتل يا بک مرڻ کي جائز نٿي بڻائي سگهي.هن چيو ته هڪ اسرائيلي اخبار غزه جي صورتحال کي 21 صدي ۾ قحط جي سڀ کان سنگين مثال قرار ڏنو آهي.عاصم افتخار چيو ته ماڻهو ان ڪري بک مرڻ وارا نه آهن جو کاڌو موجود نه آهي، ماڻهو ان ڪري بک مرڻ وارا آهن جو انهن کي کاڌي تائين رسائي کان محروم ڪيو پيو وڃي.