اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف بيورو ڪريسي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڌ کان وڌيڪ بيورو ڪريٽ پرتگال ۾ پراپرٽي وٺن کان پوءِ هاڻ شهريت وٺڻ جي تيار ڪري رهيا آهن.
سماجي رابطن جي سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خواجه آصف انڪشاف ڪيو ته بيورو ڪريسي ۾ شامل اڌ کان وڌيڪ ماڻهن پرتگال ۾ نه صرف پراپرٽي خريد ڪئي آهي پر هاڻ اهي شهريت به وٺي رهيا آهن، اهي ڪي عام ماڻهو نه پر نالي وارا بيورو ڪريٽس آهن.
خواجه آصف بيورو ڪريٽس کي واڳون قرار ڏيندي چيو ته اهي واڳون اربين روپيه کائي آرام سان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو هڪ ويجهو ساٿي بيورو ڪريٽ چار ارب روپيه ڌيئرن جي شادي تي صرف سلامي وصول ڪري چڪو آهي جيڪو هاڻ آرام سان ريٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي.
خواجه آصف چيو ته سياستدان ته انهن جو بچيل کائيندا آهن ۽ وڏيون حامون هڻندا آهن انهن لاءِ نه پلاٽ، نه پرڏيهي شهريت ڇو ته سياستدانن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻو هوندو آهي، دفاع واري وزير وڌيڪ لکيو ته پاڪ سرزمين کي اهي بيورو ڪريٽس پليت ڪري رهيا آهن.