چونڊن ۾ دير جو ڪوبه جواز ناهي، نئين آدم شماري تحت ئي چونڊن ۾ وڃڻو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

پيٽرول جي اگهن جو دارومدار عالمي منڊي جي اگهن تي آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ کوڙ ڀيرا پيٽرول سستو ڪيو، رڳو هڪ- ٻه ڀيرا پيٽرول مهانگو ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نئين آدم شماري تحت ئي چونڊن ۾ وڃڻو آهي، ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا مڪمل ٿيڻ ته اُن کي سي سي آءِ ۾ کڻي وينداسين، چونڊن ۾ دير جو ڪوبه جواز ناهي

اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته چونڊون ڪرائي، 12 آگسٽ تي حڪومت جو مُدو پورو ٿي رهيو آهي، نگران سيٽ اپ تي نواز شريف سان صلاح مشورو ڪندس

اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪرڻ به آئيني گهرج آهي، اُميد ته اپوزيشن ليڊر سان گڏجي نگران سيٽ اپ طئه ڪنداسين، چونڊن ۾ عوامي مئنڊيٽ کڻي ايندڙ حڪومت 5 سال پورا ڪندي

The delay in the elections is not justified