ڪارونجهر کي ڊسٽرب ڪرڻ بنا ئي باقي سڀ ڪم ٿيندا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪارونجهر جي سونهن متاثر ڪرڻ کانسواءِ اسان کي گرينائيٽ ۽ ٻيون معدنيات ڪڍڻيون پونديون، گرينائيٽ، چائنا ڪلي ۽ ٻيون معدنيات اسان جا قدرتي وسيلا آهن، قدرتي وسيلن جي وڪري ڏانهن وڃڻو پوندو، ڪارونجهر جي سونهن ۽ قومي ورثو متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ناصر شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن سان ڪيل وعدا پورا ڪري ڇڏيا، 21 لک متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون
ناصر شاهه چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مڪمل سويپ ڪندي، سنڌ کانپوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي، سينٽرل پنجاب ۾ به پارٽي جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته جي ڊي اي جي 80 سيڪڙو ماڻهن پيپلزپارٽي وٽ سي ويون جمع ڪرايون آهن