ڊينمارڪ واقعو: مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڊينمارڪ واقعي تي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪجهه ڀٽڪيل ماڻهن کي اربين مسلمانن جا جذبات مجروح ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊينمارڪ ۾ عراقي سفارتخاني جي سامهون قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي ٻئي واقعي تي پاڪستان ۾ به انتهائي ڳڻتي ۽ ڏک محسوس ڪيو پيو وڃي.
شهباز شريف چيو ته چڙ ڏياريندڙ واقعن جي پٺيان منفي حڪمت عملي لڪيل آهي مذهبي هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ سان گڏوگڏ اسلاموفوبيا کي هٿي ڏني پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مختلف حڪومتن ۽ عقيدن جي اڳواڻن سان ان سلسلي جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪندس. ڪجهه ڀٽڪيل ماڻهن کي اربين مسلمانن جا جذبات مجروح ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. منفي عزائم رکندڙ ڪجهه ماڻهن جي ايجنڊا ڪنهن به صورت ۾ پروان چڙهڻ نه ڏينداسين.
ياد رهي ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي جو پهريون واقعو گذريل مهيني عيدالاضحيٰ جي ڏينهن 29 جولاءِ تي سوئيڊن ۾ پيش آيو هو جنهن ۾ ملعون عراقي شهري سلوان موميڪا پوليس جي سيڪيورٽي ۾ مسجد جي سامهون قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن ۽ حڪمرانن طرفان سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو.