ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سون سستو ٿي ويو

ڪراچي: گذريل ڪيئي ڏينهن کان لڳاتار واڌ بعد اڄ ملڪ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون 200 رپيا سستو ٿيڻ بعد في تولو 2 لک 8 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 172 رپيا گهٽتائي بعد 1 لک 78 هزار 498 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ 8 ڊالر واڌ بعد في اونس سون 1925 ڊالر جو ٿي ويو آهي.