موسميات کاتي پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 7 ۽ 8 جولاءِ تي کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي  7 ۽ 8 جولاءِ تي ڪراچي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

سانوڻي برسات جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي موجب عرب سمنڊ مان هوائون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن جنهن سبب سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ برسات به پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي به مختلف ضلعن ۾ کنوڻ سان تيز برساتون پئجي سگهن ٿيون.