پاپ ميوزڪ جي ڪنگ مائيڪل جيڪسن جي ورسي، ٽوپي نيلام ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن : پاپ ميوزڪ جي دنيا جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن جي مشهور ٽوپي کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن کي 31 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ رقم ۾ نيلام ڪيو ويندو. ان ٽوپي جو نالو بيلڪ فيڊورا آهي جيڪا سيپٽمبر ۾ فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ نيلام ڪئي ويندي

اها ٽوپي مائيڪل جيڪسن پنهنجي مشهور ڊانس اسٽيپ مون واڪ ۾ به پاتي هئي ۽ ٻين پرفارمنسز وقت به هن اها ئي ٽوپي پائي فن جو مظاهرو ڪيو

سڄي دنيا ۾ 1983ع ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن مون واڪ جي جهلڪ ڏٺي. هو 25 جون 2009ع تي 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. بيٽ اٽ، اسموٿ ڪرمنل، وي آر دي ورلڊ ۽ ٻيا گانا مشهور ٿيا

Announcing the Hat Auction in honor of Michael Jackson