اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نَو مئي جي واقعن واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي ڏهه جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.
پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر پنهنجن وڪيلن سوڌو عدالت آڏو پيش ٿيا
عدالت ٻنهي اڳواڻن جي هڪ هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.
عدالت پوليس کان ڪيس جو ريڪارڊ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي ڏهه جولاءِ تائين ملتوي.