آئين اجازت نٿو ڏئي ته جج مختلف ادارن کي ڪنٽرول ڪن: احتساب بابت خاص مددگار

لاهور: احتساب بابت وزيراعظم جي خاص مددگار عرفان قادر ايڊووڪيٽ چيو آهي ته جج پنهنجو احتساب ڪن ٿا ته باقي ادارن ۾ به خود احتسابي هجڻ گهرجي.
عرفان قادر ايڊووڪيٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته احتساب بابت پاڪستان جي آئين ۾ ڪو مونجهارو ناهي، بدعنواني ڪندڙ جو احتساب ٿيندو ۽ بنا فرق جي ٿيندو.
هن چيو ته بدعنواني ڪندڙ پاليامينٽيرينز جو احتساب نيب ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندو آهي، بدعنواني جا ڪيترائي معاملا مختلف عدالتن ۾ به ويندا آهن، بدعنواني ڪندڙ احتساب کي منهن ڏيندو آهي پر جج پنهنجو احتساب پاڻ ڪندا آهن، انصاف جون گهرجون سامهون رکون ته عدليا کانسواءِ ٻين ادارن ۾ به خود احتسابي هجڻ گهرجي، آئين اجازت نٿو ڏئي ته جج صاحب مختلف ادارن کي ڪنٽرول ڪن.
سندس چوڻ هو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪا اڳڀرائي نه پئي ٿئي، جج رٽائرڊ به ٿي وڃن تڏهن به انهن خلاف ڪيس هلي سگهي ٿو، پروسيڊنگ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ ڪو فرق نٿو پئي رٽائرڊ هجي يا نه.
عرفان قادر چيو ته صدر ۽ گورنرن کانسواءِ ڪنهن کي ڇوٽ ناهي، ڪوشش ڪندا رهنداسين ته سڀني تي هڪجهڙو قانون لاڳو ٿئي، اداري ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جو لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ ڪيترن ئي چيف جسٽس صاحبن پنهنجي مرضي جون بئنچون ٺاهيون، قانون کي بهتر بڻايو ويو ته وڌيڪ جج بئنچ جي جوڙجڪ ۾ حصو وٺن.
هن چيو ڏسڻو آهي ته جج صاحب سياسي معاملن ۾ نه اچڙن، سٺا قانون ٺاهيا ويا ته جيئن جج ماڻهن کي انصاف فراهم ڪري سگهن، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي محسن اختر ڪياني تي لاڳو الزامن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، پاڪ فوج پنهنجي ڪيترن ئي ماڻهن جو آرمي ايڪٽ ۾ ٽرائل ڪيو، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته احتساب کان ڪنهن کي ڇوٽ ناهي، آرمي مان رٽائرمينٽ کانپوءِ نيب به گهڻن جو احتساب ڪيو.