پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي: سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اغوا ڪرڻ وارو الزام غلط آهي، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ گروپنگ وڏي عرصي کان هئي، 9 مئي جي واقعن بعد پي ٽي آءِ وڌيڪ ورهائجي وئي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي چاهيو پئي ته زبردستي ووٽ وٺون، فردوس شميم حلف نه کنيو، هو ووٽ ڏيڻ جو حقدار نه هو، اسان تي ميمبرز خريد ڪرڻ جا ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن

هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته قيادت اعتماد ۾ نه ورتو، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد شهرين جي خدمت ڪندا ۽ مسئلا حل ڪندا