طوفان کان اڳ سامونڊي پٽيءَ ۾ تيز هوائن سان وسڪارو

سامونڊي طوفان کان اڳ ئي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ تيز هوائن سان وسڪارو شروع ٿي وئي آهي

ٺٽو، بدين، شاهبندر، ڪيٽي بندر، گهوڙا ٻاري ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جاري اهي، ڪڍڻ، جاتي، شادي لارج، کاروڇاڻ ۽ سيراڻي ۾ به طوفاني هوائن سان وسڪارو شروع ٿي ويو آهي

ڪراچي جي ڊي ايڇ اي، ملير جي گگهر، گلشن حديد، ريڙهي ۽ چشما ڳوٺ ۾ مٽيءَ جي طوفان سان هلڪي برسات پئي آهي

سامونڊي طوفان بپارجواءِ ڪراچي کان 410 ڪلوميٽرز ۽ ٺٽي کان 400 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي پهچي ويو، طوفان 15 جون تي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائجي ويندو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان جي نتيجي ۾ 15 جون کان سموري ساحلي پٽيءَ تي طوفاني وسڪارا شروع ٿي ويندا

چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفان جي شدت ۽ رفتار ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي، طوفان هاڻي انتهائي شديد جي ڪيٽيگري مان شديد جي ڪيٽيگري ۾ اچي ويو آهي