مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ ڪي پي ڪي پوليس کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
مراد سعيد ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس کي گهربل آهي، سندس گرفتاري لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مراد سعيد جي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي جا اطلاع ناهن پر سوات ۽ بٽ خيل ۾ سندس موجودگي جا اطلاع آهن.
ٻئي طرف پوليس چارسده ۾ اڳوڻي صوبائي وزير عارف احمد زئي جي گهر تي ڇاپو هنيو پر اڳوڻو صوبائي وزير گهر تي موجود نه هو.
جڏهن ته ڳولا بعد پوليس اهلڪار واپس هليا ويا.