ملڪ ۾ پهرين جون کان پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين جون کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن هيٺ مٿانهين جو امڪان آهي.

آئل انڊسٽري ذريعن موجب پهرين جون کان پيٽرول جي قيمت في ليٽر 5  روپيه گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت به في ليٽر 5 روپيه گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان حوالي سان انڊسٽري ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊالرز جي وڌندڙ قيمتن سبب پيٽرول جون قيمتون ساڳيون رکڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.