اسلام آباد پوليس علي محمد ۽ مليڪه بخاري بابت لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان بابت لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي ٻيهر گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وفاقي پوليس پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن بابت لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته ٻنهي کي جيڪڏهن اڊيالا جيل ۾ رکيو ويو آهي ته انهن سان ملاقات جو موقعو ڏنو وڃي. ان تي پوليس چيو ته خبر ناهي ته مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان ڪنهن وٽ گرفتار آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کان ٻنهي اڳواڻن جي تحويل بابت جواب طلب ڪندي ٻڌڻي کي ملتوي ڪري ڇڏيو.