اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو
عمران خان وڪيل بابر اعواڻ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته چيف جسٽس جي اجازت کانسواءِ ڪنهن جج کي ڪميشن لاءِ نامزد نٿو ڪري سگهجي
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ وارو نوٽيفيڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي
اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس پاڪستان آڊيو ليڪس جي معاملي تي ڪميشن جوڙي جيڪا اهو به ڏسي ته آڊيو ٽيپ ڪنهن ڪيون ۽ آڊيو ليڪ ڪنهن ڪيون